پهريان مسلمان سنڌي گريجوئيٽ

پهريان مسلمان سنڌي گريجوئيٽ

پهريان مسلمان سنڌي گريجوئيٽ

پهريان مسلمان (سنڌي) گريجوئيٽ: انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي. ان پهريون سنڌي گريجوئيٽ کان پوءِ پهرين ويهن سالن دوران سنڌي مسلمانن مان ڪو به گريجوئيٽ ڪو نه ٿيو . انهن ڏينهن ۾ سنڌ جا ٽي ضلعا هئا. ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور. سنڌ ۾ اڃا ڪو به ڪاليج نه کليو هو. پهريون ڪاليج 1878ع ۾ ڪراچيءَ جو ڊي. جي سنڌ ڪاليج شروع ٿيو. سنڌ مدرسو به 1885ع ۾ قائم ٿيو، جنهن سان لاڳو پوءِ 1893ع ۾ انٽرميڊئيٽ ڪاليج کليو، جيڪو اڳتي هلي ڊگري ڪاليج بڻيو. ان وقت اسڪولن جي به قلت هئي. سنڌي مسلمان رڳو ميٽرڪ تائين پڙهي نوڪريءَ جي ڳولا ۾ رهندا هئا؛ ڪي سرنديءَ وارا وڃي بمبئيءَ ۾ ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخلا وٺندا هئا، جتان گريجوئيٽ ٿي نڪرندا هئا. لاڙڪاڻي وارو مدرسو به 1901ع ۾ کليو. نوشهري وارو مدرسو ان کان پوءِ کليو. ٽنڊي باگي وارو لارينس مدرسو ته گهڻي دير سان وجود ۾ آيو. سنڌ جي مسلمانن علم حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي. سنڌي مسلمانن مان پهريون گريجوئيٽ مرزا صادق علي بيگ، 1872ع ۾، بمبئي يونيورسٽيءَ مان ٿيو. هو شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جو وڏو ڀاءُ ۽ سنڌ جي مرحوم ايڊووڪيٽ جنرل، خانبهادر مرزا سڪندر بيگ جو والد هو. پهريان شڪارپور هاءِ اسڪول جو هيڊماستر ٿي رهيو، جتان پوءِ ڪراچيءَ ۾ اين جي وي هاءِ اسڪول جو هيڊماستر ٿيو. ٻيوگريجوئيٽ، خانبهادر حسن علي آفنديءَ جو وڏو فرزند، علي احمد هو، جنهن آءِ. سي. ايس پاس ڪئي ۽ علي ڳڙهه جو ڪليڪٽر ٿيو. ٽيون گريجوئيٽ ولــي مـحـمـد، حسـن عـلي آفـنـدي هـو، جيـڪـو پهـرين ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر بڻيو ۽ پوءِ ڏهه سال پرنسپال ٿي رهيو. پوءِ ايل ايل بي پاس ڪيائين ۽ روينيو کاتي ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. سنڌ مدرسي بورڊ جو ڪيترائي سال صدر رهيو. ڪراچيءَ جو اعـزازي مئجسـٽريٽ به ٿيو. چوٿون گريجوئيٽ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي هو، جيڪو 1886ع ۾ گريجوئيٽ ٿيو. 1887ع ۾ وڪالت جو پهريون سال پاس ڪيائين. پوءِ ايلفنسٽن هاءِ اسڪول ۾ ماستر ٿيو، جتان شڪارپور هاءِ اسڪول ويو. 1891ع ۾ کيس شڪارپور جو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو. ان بعد وڪالت پاس ڪري حيدرآباد ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. 1908ع ۾ خيرپورميرس جو چيف سيڪريٽري بڻيو. 1911ع کان 1921ع تائين لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪيائين1886ع کان پوءِ ڪيترن سالن تائين ڪو به مسلمان گريجوئيٽ ڪو نه ٿيو. ڪراچيءَ ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج برپا ٿيڻ کان پوءِ عبدالمجيد دريشاڻي 1901ع ۾ گريجوئيٽ ٿيو، ساڻس گڏ حبيب الله دريشاڻي به گريجوئيٽ ٿيو. ان بعد هزاري حسن علي جعفري گريجوئيشن ڪئي. ان کان پوءِ 1906ع تائين ڪنهن به مسلمان بي. اي نه ڪئي. 1907ع ۾ پنج ڄڻا گريجوئيٽ ٿيا، جن مان هڪ مرزا سڊني بيگ هو، جيڪو انڪم ٽيڪس کاتي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو، ان بعد سنڌ ۾ گريجوئيٽ ٿيندا رهيا. 1914ع ۾ صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ گريجوئيٽ ٿيو ۽ تعليم کاتي ۾ آفيسر بڻيو. هو ڪيترائي سال ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جو پرنسپال به رهيو. مخدوم نور احمد صديقي بي. اي (آنرس) ڪئي. هو روينيو کاتي جو عملدار ٿيو ۽ ڪيترو ئي وقت ڪورٽ آف وارڊس ۽ ڪيمبرڊ اسٽيٽس جو مئنيجر ٿي رهيو. سنڌ مان پهريون مسلمان جنهن ايم. اي ڪئي، اهو شڪارپور جو عبدالمجيد دريشاڻي هو. ان کان سواءِ ٻيا جيڪي گريجوئيٽ ٿيا، انهن مان ڪجهه نالا هيٺ ڏجن ٿا: (1) مرزا جعفر قلي بيگ، (2) شيخ احمد، (3) عطا حسين شاهه موسوي، (4) آءِ. واءِ سليمان، (5) يار محمد جوڻيجو. (6) شيخ محمد بخش، الاهي بخش، (7) شيخ ڪريم بخش، (8) شيخ رحيم بخش، (9) غلام حسين سومرو، (10) موسيٰ خان انصاري، (11) علامه عمر محمد دائودپوٽو، (12) عثمان علي انصاري، (13) پروفيسر اي. ايل شيخ، (14) الله بخش انصاري، (15) شاهنواز پيرزادو، (16) عبدالرزاق قريشي، (17) علي خان ابڙو، (18) نبي بخش محمد حسين، (19) آغا حسن علي، (20) غلام صديق عيساڻي، (21) موليڏنو عباسي، (22) شفيع محمد قريشي، (23) محمود ڀٽي، (24) مرزا غلام دستگير، (25) تاج محمد ٻگهيو، (26) نصرالله خشڪ بلوچ، (27) جمال الدين بدر الدين قاضي، (28) محمد بچل ميمڻ، (29) محمد بخش ميمڻ، (30) آخوند عبدالله، (31) علي بخش چنا، (32) يار محمد ميمڻ، (33) محمد اعظم اعواڻ، (34) مرزا سڪندر بيگ، (35) غلام مرتضيٰ عيساڻي، (36) قاضي خدا بخش، (37) قاضي خير محمد سيوهاڻي، (38) غلام دستگير عيساڻي، (39) مرزا عبدالرحمان، (40) احمد بخش راهو، (41) سيد ميران محمد شاهه، (42) خان صاحب مريد علي قادر بخش ۽ ٻيا شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو